حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد پوليس جي هڪ ايس ايڇ او پاران بوڪيز کي هڪ گيسٽ هائوس ۾ يرغمال بڻائي کانئن 19 لک رپيا وٺڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ان سلسلي ۾ حيدرآباد پوليس جي اعتماد جوڳن ذريعن جو چوڻ آهي ته سائيٽ ٿاڻي تي تازو مقرر ٿيل ايس ايڇ او وحيد پنهور پوليس اهلڪارن سان گڏجي ڪراچي مان ڪجھ بوڪيز کي گرفتار ڪري حيدرآباد آڻڻ کانپوءِ کين هڪ گيسٽ هائوس ۾ يرغمال بڻائي رکيو ۽ کانئن 19 لک رپيا وٺي کين آزاد ڪيو ويو. ذريعن موجب اهڙي خبر جڏهن ايس ايس پي ڊاڪٽر فرخ لنجار کي پئي ته هن 3 سينيئر اهلڪارن کي جاچ ڪرڻ جي هدايت ڪئي جن گذريل ڏينهن ايس ايس پي کي جاچ مڪمل ڪري ڏني جنهن ۾ وحيد پنهور ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي ۽ جيڪي اهلڪار ساڻس گڏ هئا انهن پڻ بيان ۾ ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي. پوليس ذريعن موجب ايس ايس پي واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او وحيد پنهور خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. هوڏانهن پوليس آفيسر وحيد پنهور ۽ سندس ساٿي پوليس اهلڪار زوهيب کي گرفتار ڪيو ويو آهي. حيدرآباد پوليس جي اعتماد جوڳن ذريعن جو چوڻ آهي ته اي ٽي ايف انچارج طور  مقرر ٿيل وحيد پنهور پوليس اهلڪارن سان گڏجي ڪراچي مان ڪجھ بوڪيز کي گرفتار ڪري حيدرآباد آڻڻ کانپوءِ کين هڪ گيسٽ هائوس ۾ يرغمال بڻائي رکيو ۽ کانئن 19 لک رپيا وٺي آزاد ڪيو. ذريعن موجب اهڙي خبر جو پوليس آفيسرن نوٽيس ورتو ۽ سندن خلاف جاچ ڪميٽي قائم ڪئي. جاچ ڪميٽي پنهنجي جاچ مڪمل ڪري رپورٽ ڏني جنهن ۾ مبينا طور وحيد پنهور پنهنجي ڏوهه جو اعتراف به ڪيو ۽ جيڪي اهلڪار ساڻس گڏ هئا انهن پڻ بيان ۾ ڏوهه جو اعتراف ڪيو. پوليس ذريعن موجب معملي جو گهرو وزير نوٽيس ورتو جنهن کانپوء وحيد پنهنور ۽ هڪ پوليس اهلڪار کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ويو. سن معاملي جو ڪيس به داخل ڪرڻ جون تياريون ڪيون ويون آهن. پوليس سموري معاملي کي ڳجهو رکڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهي.