واشنگٽن(م ڊ) ماحوليات بابت تنظيم آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جا تيل جي ڳولا ۽ سمنڊ ۾ کوٽائي جا حڪم چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. بائيولاجيڪل ڊائيورسٽي سينٽر جي سربراهه ڪيران سڪلنگ چيو ته اسان هن سان هر وک تي جنگ ڪنداسين، اسان ڪيترائي ڀيرا اهڙن معاملن ۾ ڪاميابي ماڻي آهي، اسان ماحولياتي انصاف ۽ جيئڻ لائق دنيا لاءِ ويڙهه جاري رکنداسين، چاهي ايندڙ چئن سالن ۾ اسان کي ڪهڙين به رنڊڪن کي منهن ڏيڻو پوي. جڏهن ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ترجمان چيو ته آمريڪا کي تيل جي ڳولا واري فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي  ۽ ان تي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. ٻئي طرف ايلن مسڪ جي وزارت گورنمينٽ ايفيشنسي خلاف به درخواستون داخل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪجهه درخواستون داخل به ڪيون ويون آهن. جڏهن ته سرڪاري عملدارن خطرو ظاهر ڪيو آهي ته ميڪسيڪو سرحد تي سختي ۽ بارڊر ايپ بند ڪرڻ کانپوءِ غيرقانوني پرڏيهي وڌيڪ ايندا.