اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) تيل ۽ گيس بابت فيصلاسازي ۾ صوبن ڪو ڪردار محدود ڪرڻ جون تياريون، آئين کي مسلسل نظر انداز ڪندي 9 مهينن تائين سي سي آء جو اجلاس طلب نه ڪندڙ وزير اعظم شهباز شريف گڏيل مفادن واري ڪائونسل سي سي آء جو هنگامي اجلاس اڄ 3 ڊسمبر تي طلب ڪري ورتو آھي. سي سي آء جو طلب ٿيل اجلاس اڄ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ اڍائي وڳي سي سي آء سيڪريٽريٽ اسلام آباد ۾ ٿيندو. ايجنڊا مطابق سي سي آء جو اجلاس 2 ڊسمبر واري ڏينهن طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪندي ڪالھ ئي ان جي ايجنڊا تيار ڪئي وئي. سي سي آء اجلاس ۾ 6 نقاطي ايجنڊا تي منظوري لاء غور ٿيندو تيار ڪيل ايجنڊا ۾ 6 ئي اسم پيٽروليم وزارت جا شامل ڪيا ويا آھن جنهن ۾ پيٽروليم پاليسي 2012 ۾ ترميم جي منظوري به شامل ڪئي وئي آھي. پيٽروليم پاليسي ۾ ترميم جي سنڌ حڪومت پاران ڪجھ ڏينهن اڳ ٿيل ايڪنڪ جي اجلاس ۾ منظوري جي مخالفت ڪئي وئي هئي ۽ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته پيٽروليم پاليسي ۾ ترميم جي منظوري نگران حڪومت پاران ڏني وئي هئي جنهن خلاف سنڌ سي سي آء ۾ ويل آھي. نائب وزير اعظم اسحاق ڊار ايڪنڪ اجلاس ۾ واضح ڪيو هو ته پيٽروليم پاليسي ۾ ترميم جي منظوري ورتي ويندي جنهن کانپوء هن حڪومت ۾ وزير اعظم پاران سي سي آء جو اجلاس طلب ڪري پيٽروليم پاليسي ۾ ترميم کي ايجنڊا ۾ شامل ڪيو ويو آھي. انهي ترميم جي منظوري جي صورت ۾ تيل ۽ گيس مامرن بابت فيصلا سازي ۾ صوبن جو ڪردار محدود ٿيڻ جو خطرو آھي. ياد رهي ته صوبن کي تيل ۽ گيس پيدوار ۾ آئين تحت 50 سيڪڙو حصيدار قرار ڏنو ويو آھي جڏهن ته سي سي آء اجلاس ۾ تيل تي ونڊفال ليوي بابت ليٽي گيشن، ايل اين جي جي امپورٽ آرٽيڪل 158 ۽ 172 جي شق 3 تي عملدرآمد جي جائزي سوڌو آرٽيڪل 154 تي عملدرآمد جو به جائزو ورتو ويندو. جڏهن ته ٽائيٽ گيس پاليسي 2024 جي به منظوري تي غور ٿيندو. ياد رهي ته آئين جي شق 158 گيس جي کوهه واري علائقي کي گيس اوليت جي بنياد تي فراهم ڪرڻ بابت آهي جڏهن ته آئين جي شق 172 ۾ خالي ملڪيت، معدنيات جي مالڪي ۽ گيس ۽ تيل ۾ صوبن جي 50 سيڪڙو حصي بابت آهي جنهن ۾ 3 ذيلي شقن ۾ اها وضاحت ڪئي وئي آهي.