لاهور(بيورورپورٽ) پيٽرول جي هٿراڌو بحران جي معاملي تي لاهور هاءِ ڪورٽ اڄ تائين مقرر ٿيل اوگرا جي سمورن چيئرمينن کي طلب ڪري ورتو آهي، عدالت رمارڪس ۾ چيو ته اوگرا ظاهري طور ذميواريون پوريون ڪرڻ ۾ ناڪام ويو. چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ محمد قاسم خان پيٽروليم بحران تي ڪمپنين جي آڊٽ ڪرائڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت اڄ تائين مقرر ٿيل سمورن اوگرا چيئرمينن کي طلب ڪري ورتو ۽ ڊي جي ايف آءِ اي کي به ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ سميت گهرايو آهي. چيف جسٽس چيو ته پيٽرول نه هجي ته ملڪ تباهه ٿي ويندا آهن، هي بغاوت جهڙو ڏوهه آهي، ڪمپنيون حڪومت جو ڪٺپتليون آهن. وڏن وڏن عهدن تي ويهڻ ۽ ملڪ کي لٽڻ ائين ٿيڻ نه ڏينداسين، چيف جسٽس چيو ته 16 تاريخ تي پيٽرول جو جهاز آيو ٻه ڏينهن رکي وڪرو ڪيو ويو، ٻن اربن جو فائدو ٿيو، قانون ملڪ جي غريب ماڻهن لاءِ ٺاهيو ويو آهي وڏن ماڻهن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ نه. ملڪ کي لٽي کوکلو ڪيو ويو آهي. چيف جسٽس پيٽروليم ڪمپنين تي به آبزرويشن ڏني وئي، عدالت چيو ته ڀارت سوا ارب جي آبادي ۾ رڳو 10 آئل ڪمپنيون آهن، جڏهن ته پاڪستان ۾ 36 موجود آهن ۽ 36 پائپ لائن ۾ آهن. تيل ڪمپنين جي وڪيل چيو ته جيتريون ڪمپنيون هونديون اوترو مقابلو ٿيندو سٺي شي فراهم ڪئي ويندي، چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سڄي دنيا ۾ رڳو توهان ئي سمجهدار آهيو، جتي توهان خلاف ڪارروائي هوندي اتي توهان کي به ٻڌي وٺنداسين، وڏا وڏا ماڻهو مافيا جي ڪيس ۾ ئي ايندا آهن، انهن ڪمپنين پاڪستان کي تباه ڪري ڇڏيو هو، چيف جسٽس چيو ته ڪنهن به آئل ڪمپني وٽ 10 کان 15 ڏينهن کان وڌيڪ جو ذخيرو نه هجڻ گهرجي، اوگرا ته حڪومت کي غلط چوندي آهي، عدالت سمجهي ٿي ته اوگرا پنهنجون ذميواريون ادا ڪرڻ ۾ ناڪام ويو، ذخيره اندوزي ڪري منٿليون مٿي تائين وڃن ٿيون، اوگرا جا سمورا چيئرمين ان ۾ شامل آهن، عدالت جي نوٽي وٺڻ تي ڪجهه ڪمپنين تي ٿورو ٿورو ڏنڊ لڳائي ڇڏيو. درخواست ڏيندڙ جو موقف هو ته اوگرا کي آڊٽ ڪرائڻ جو اختيار نه آهي، عدالت اهو قدم رد ڪري.