اسلام آباد ( م ڊ ) حڪومت تيل اگھن ۾ 13 رپين کان وڌيڪ لاٿ ڪري ڇڏيآهي، جنهن تحت پيٽرول 10 رپيا ليٽر سستوٿي ويو آهي، جنهن جي وزيراعظم منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ان ڏس ۾ ميڊيا رپورٽن موجب حڪومت پاران تيل اگھن ۾ لاٿ ڪئي وئي آهي، جنهن تحت پيٽرول 10 رپيا في ليٽر سستو ڪيو ويو آهي، جنهن کان پوءِ پيٽرول جو في ليٽر 250 رپيا ٿي ويو آهي. ان کان سواءِ لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 12 رپيا 12 پيسا في ليٽر لاٿ ڪئي وئي آهي. جنهن کان پوءِ لائيٽ ڊيزل جي نئين قيمت 141.39 رپيا ٿي وئي آهي. جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 13 رپيا 6 پيسا لاٿ ڪئي وئي آهي. جنهن کان پوءِ نئين قيمت 249.69  رپيا ٿي وئي آهي. گاسليٽ جي قيمت ۾ 11 رپيا  15 پيسا في ليٽر لاٿ ڪئي وئي آهي ، جنهن بعد گاسليٽ جي نئين قيمت 158  رپيا 47 پيسا ٿي وئي آهي. ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف تيل اگھن ۾ لاٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي، حتمي نوٽيفڪيشن ناڻي واري وزارت کي جاري ڪيو  ويو، نوان اگھه رات 12هين وڳي کان لاڳو ٿي چڪا آهن.