اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) وزيراعظم تيل اگهن ۾ لاٿ جو فائدو عوام کي ڏيڻ بدران بلوچستان تي خرچ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ تيل اگهن ۾ ٿيل لاٿ واري رقم مان قلات، ڪوئيٽا چمن روڊ ۽ ڪڇي ڪينال فيز ٽو مڪمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون گهٽ ٿيون آھن عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ ٽيرف لڳڻ سبب گهٽ وڌائي جو عمل جاري آھي پيٽروليم جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ٿيندو پر گهڻي سوچ ويچار بعد اهو فيصلو ڪيو آھي ته قلات , خضدار ,ڪوئٽا , چمن روڊ جنهن کي خوني روڊ چيو وڃي ٿو جيڪو سنگل روڊ آھي اهو روڊ ٻه هزار جانيون ڳڙڪائي چڪو آھي هن چيو ته بلوچستان ۾ به موٽر وي جهڙو روڊ ٺاهينداسين، 300 ارب جي اها رٿا ٻن سالن ۾ مڪمل ٿيندي، آئون پاڻ نگراني ڪندس. ان موقعي تي بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو ته بلوچستان ۾ اين-25 بحالي رٿا۽ ٻين ترقياتي منصوبن لاءِ فنڊن جي فراهمي تي وزيراعظم جا ٿورائتا آهيون. ٻئي طرف وفاقي ڪابينا پيٽروليم ڊويزن جي سفارش تي پيٽروليم ليوي آرڊيننس 1961 ۾ ترميم جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي. ذريعن موجب صدر پاران پيٽروليم شين تي پيٽروليم ليوي ترميمي آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي وفاقي ڪابينا منظوري ڏني هئي. آرڊيننس جاري ڪرڻ لاءِ سومر تي قومي اسيمبلي ۽ اڱاري تي وقت کان اڳ سينيٽ جا اجلاس ملتوي ڪيا ويا. عالمي اگهن ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام کي نه ڏنو ويو. ۽ تيل جا اگهه 15 ڏينهن لاءِ برقرار رکيا ويا آهن. جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.