اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته رانا ثناءُ الله اسان هاڻي تياري ڪري اسلام آباد اينداسين، وعدو ٿو ڪيان تو کي اسلام آباد ۾ لڪڻ جي جاءِ نه ملندي، اسلام آباد ۾ پارٽيءَ جي تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته 25 مئي تي اسلام آباد آياسين ته ان وقت اسان جي تياري ٿيل نه هئي، اسان کي خبر نه هئي ته عورتن ۽ معصوم ٻارن تي به ظلم ڪيو ويندو، هن چيو ته ڇنڇر ڏينهن فيصلو ڪندس ته ڪهڙي تاريخ تي احتجاج جو سڏ ڏيڻو آهي. هن چيو ته آزادي ڪڏهن به ڪو پليٽ ۾ رکي نه ڏيندو آهي ان لاءِ قربانيون ڏيڻيون پونديون آهن جهاد ڪرڻو پوندو آهي، جيڪي ملڪ مٿان قبضو ڪري ويٺل آهن اهي هن نظام مان ڀرپور فائدو وٺي رهيا آهن، جيڪي ماڻهو هن نظام تي قبضو ڪري اربين کربين پتي ٿي ويا آهن اهي ماڻهو آساني سان آزادي نه ڏيندا، تحريڪ پاڪستان کان پوءِ هي اسان جي آزادي جي تحريڪ سڀ کان وڏي تحريڪ آهي، جيڪو پنهنجي خوف تي ضابطو نه ٿو آڻي اهو ڪڏهن به وڏو ماڻهو نه ٿو ٿي سگهي، 126 ڏينهن جي ڌرڻي دوران مون تمام گهڻا لاها چاڙها ڏٺا. هن چيو ته اهو پاڪستان ڏسڻ چاهيان ٿو جيڪو ڪڏهن ڪنهن ملڪ سامهون گوڏا نه کوڙي، پنهنجي ماڻهن کي ڪنهن ملڪ جي خواهش ۽ حڪم تي قربان نه ڪري، پيسي جا غلام شريف خاندان ۽ زرداري خاندان ڊرون حملن جي اجازت ڏني، عمران خان چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي جو سمنڊ آهي، جڏهن اسان جي حڪومت ڪيرائي وئي ته هنن حڪمرانن کي ڪو شرم نه آيو ان وقت ڀارت 40 سيڪڙو گهٽ قيمت تي روس کان تيل خريد ڪري رهيو هو، هن چيو ته رانا ثناءُ الله ڌمڪي ڏني آهي، رانا ثناءُ الله منهنجو واعدو آهي ته تون اسلام آباد ۾ لڪي نه سگهندين، رانا ثناءُ الله پنهنجو فڪر ڪر هاڻي اسان تياري سان اينداسين، شهباز شريف ائين ئي هر وقت ڊنل آهي، هن چيو ته ڪرپشن ڪيسن ۾ ملوث پاڻ ئي پنهنجا ڪيس معاف ڪرائي رهيا آهن، عوام تي بجلي جا بم ڪيرايا پيا وڃن، ڇنڇر ڏينهن تاريخي احتجاج ٿيندو ۽ ان ڏينهن فيصلو ڪندس ته ڪنهن ڏينهن اسلام آباد اچڻ جو سڏ ڏيڻو آهي، ان حوالي سان فيصلو تڏهن ڪندس جڏهن ٽائيگر تيار هوندا. هوڏانهن عدالت ۾ ٻڌڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته مون کي جنهن سان جنگ ناهي وڙهڻي اها پاڪستان جي عدليه آهي، مافيائن خلاف حقيقي آزادي جي ويڙهه وڙهي رهيو آهيان، صحافي عمران خان اهو پڻ پڇيو ته توهان جي عدالتن مان جند ڪڏهن آجي ٿيندي؟ جنهن تي هن چيو ته في الحال آجي ٿيندي نظر نه پئي اچي.