توهين عدالت ڪيس: عمران خان تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو

0
147
سڏ ڏنو ته حڪومت برداشت

اسلام آباد: عمران خان پاران عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ بابت توهين عدالت ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته هو اظهار جي آزادي جو محافظ آهي پر اشتعال انگيزيءَ جي اجازت نٿو ڏئي سگهي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ واري توهين عدالت ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ۾ عمران خان کي معافي گهرڻ جو موقعو ڏنو پر عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ڌمڪي وارن لفظن تي افسوس جو اظهار ڪندي غير مشروط معافي گهرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

عدالت عمران خان تي 22 سيپٽمبر تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو آهي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ عمران خان خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهي آهي، تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان، سندس وڪيل حامد خان ۽ ٻيا وڪيل عدالت ۾ موجود آهن

عمران خان جي وڪيل حامد خان عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته گذريل ٻڌڻي جي عدالتي آبزرويشن سان مڪمل طور تي متفق آهيان، مختصر رپورٽ عدالت آڏو رکڻ چاهيان ٿو، اسان ان معاملي کي ختم ڪرڻ چاهيون ٿا، عدالت هڪ ٻيو موقعو ڏئي ڇڏيو. جنهن تي تفصيلي جواب داخل ڪرائيندي 21 آگسٽ جي عدالتي ٻڌڻي تي تفصيلي جواب داخل ڪرايو

حامد خان چيو ته عدالت سپريم ڪورٽ جي ٻن فيصلن جو حوالو ڏنو، اهي دانيال عزيز ۽ طلال چوڌري جا عدالتي فيصلا هئا، پر عمران خان جو ڪيس انهن ٻنهي عدالتن جي فيصلن ۾ نٿو اچي، طلال چوڌري ۽ دانيال عزيز ڪيس عمران خان جي ڪيس کان بلڪل مختلف آهن

توهين عدالت انتهائي حساس معاملو آهي، ان جو ڪو جواز نه ٿو ڏئي سگهجي: چيف جسٽس

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته توهين عدالت ٽن قسمن جي ٿئي ٿي، جنهن کي فردوس عاشق اعواڻ ڪيس ۾ بيان ڪيو ويو آهي، هڪ جڊيشل توهين عدالت ۽ هڪ فوجداري توهين عدالت دانيال عزيز ۽ طلال چوڌري خلاف ڪرمنل توهين عدالت جي ڪارروائي ٿي هئي، اُنهن خلاف عدالت کي اسڪينڊلائزيز ڪرڻ جو مامرو هو

ھي به پڙھندا

توهين عدالت ڪيس: اظهار راءِ جي آزادي جا محافظ، پر  اشتعال انگزيزي جي اجازت نٿا ڏئي سگهون: عدالت

پنجاب حڪومت ڪيرائي نواز شريف کي آڻڻ جي سازش ٿي رهي آهي، اهو اسٽيبلشمينٽ جي مدد کانسواءِ ممڪن ناهي: عمران