اسلام آباد(بيورو رپورٽ) توهين اليڪشن ڪميشن ۽ توهين چيف اليڪشن ڪمشنر ڪيسز ٻڌڻ لاءِ مقرر ڪيا ويا، چيئرمين تحريڪ انصاف خلاف توهين اليڪشن ڪيمشن جي ڪيس جي ٻڌڻي 23 نومبر تي ٿيندي. چيئرمين تحريڪ انصاف خلاف فرد جرم جي ڪاروائي عمل ۾ آندي ويندي. جڏهن ته اسد عمر، فواد چوڌري خلاف به توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي 23 نومبر تي ٿيندي. اسد عمر ۽ فواد چوڌري کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو ويو آهي.