سنڌڙي/عمرڪوٽ (نمائندن وٽان) عمرڪوٽ ۾ توهين جي الزام هيٺ آيل ڊاڪٽر مبينا پوليس مقابلي ۾ سنڌڙي ڀرسان مارجي ويو، ماڻهن لاش دفنائڻ نه ڏنول پوليس جهنگ ۾ مڙهه پوري واپس هلي وئي، مڇريل ماڻهن لاش ڪڍي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. احتجاج دوران پوليس موبائل تي حملي جو ڪيس 150 ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو. مليل اطلاعن موجب سوشل ميڊيا تي توهين ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل عمرڪوٽ جي ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر کي سنڌڙي ويجهو سبزل اسٽاپ وٽ سي آءِ اي ميرپورخاص ۽ سنڌڙي پوليس جي گڏيل ڪاروائي دوران مبينا مقابلي ۾ ماريو ويو. اهو مقابو رات جو دير سان پيش آيو. سي آ اي جي انسپيڪٽر ھدايت ﷲ ناريجو ٻڌايو تہ اسان سبزل اسٽاپ وٽ بيٺا ھئاسين تہ کپرو روڊ تي ناڪابندي دوران جوابدارن مقابلو ڪيو پنھنجي ساٿي جي گولي لڳڻ سبب ھڪ ڄڻو مارجي ويو ٻيو فرار ٿي ويو مارجي ويل جي سڃاڻپ شاھنواز ڪنڀر طور ٿي آھي. ٻئي طرف اهي به اطلاع هئا ته عمرڪوٽ پوليس کيس ڪراچي مان گرفتار ڪيو ھو. ٻئي طرف سنڌڙي ٿاڻي تي 2 الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. ايس ايچ او سنڌڙي نياز کوسو ڪيسن ۾ ڄاڻايو تہ آئون ۽ سي آءِ اي جو سب انسپيڪٽر ھدايت ﷲ ناريجو ۽ ٻيلو عملو معمول جي گشت جي سبزل اسٽاپ وٽ بيٺل ھئاسين تہ موٽرسائيڪل تي سوار ٻہ ڄڻن کي بيھڻ جو اشارو ڪيو تہ اھي روڊ کان ھيٺ لھي ڪنڊير ڏانھن سرنھن واري رستي جي آڙ وٺي پوليس تي آنڌا ڌنڌ فائرنگ ڪئي جنھن ۾ ھڪ ھمراھ ھڪل ڪئي تہ مونکي گولي لڳي وئي آھي جستائين ٻيو ھمراھ فرار ٿي ويو ۽ زخمي جي تلاشي ورتي سين تہ سندس شناختي ڪارڊ مان سڃاڻپ عمرڪوٽ جي رھواسي شاھنواز ڪنڀر طور ٿي. لاش پوسٽ مارٽم بعد عمرڪوٽ پوليس حوالي ڪيو ويو. لاش ڳوٺ جانھيرو آندو ويو. ذريعن موجب ڇڪتاڻ سبب سندس تدفين نه ٿي سگھي ۽ لاش ويجهي قبرستان ۾ دفنائڻ نه ڏنو ويو. پوليس لاش کي نبي سر ٿر ويجھو جھنگ ۾ پوري رواني ٿي وئي. مڇريل ماڻھن لاش ٻاھر ڪڍي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو. عمرڪوث جي ايس ايس پي سميت ڪنھن به ذميوار عملدار لاش کي ساڙڻ واري واقعي جي تصديق يا ترديد ناھي ڪئي جڏھن ته لاش کي ساڙڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آھي. ٻئي طرف احتجاج واري ڏينھن پوليس موبائيل کي ساڙڻ ۽ وڳوڙ ڪرڻ جي الزام ھيٺ عمرڪوٽ ٿاڻي تي 150 وڳوڙين خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ ايس ايچ او ڇور نور محمد شر حوالي ڪئي وئي آھي. ذريعن موجب پوليس موبائل ساڙڻ جي الزام هيٺ گرفتاريون ڪيون ويون آھن پر پوليس گرفتارين کي ڳجھو رکيو آھي. جڏهن ته ميرپورخاص ۾ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي مبينه مقابلي ۾ مارڻ واري معاملي جو گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار نوٽيس ورتو. ضياءَ الحسن لنجار آءِ جي سنڌ سان رابطو ڪري  واقعي جي غيرجانبداراڻي انڪوائري جو حڪم ڏنو، جنهن بعد ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪيو ويو. گهرو وزير چيو ته شفاف جاچ ڪري هر ممڪن ڪارروائي يقيني بڻائي وڃي