ڪراچي(نمائندن وٽان) توهان جون تڪليفون ۽ درد سمجهي سگهان ٿو، منهنجو تعلق به پورچوگال جي ٻهراڙيءَ سان آهي، منهنجا وڏڙا به آبادگار هئا
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ڏوڪري ۾ ٻوڏ متاثرن سان ڪچهري دوران ڳالھھ ٻولھھ ڪئي
وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثرن لاءِ انتونيو گوتريس جي ڳالهه ٻولهه ترجمو ڪندو رهيو
انتونيو گوتريس چيو ته دل ٿي چوي ڪو معجزو ٿي پوي ۽ توهان جا سڀ اهنج ختم ٿي وڃن
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو تھ پاڪستاني حڪومت جيان مان به توهان جي مدد لاءِ دنيا ۾ آواز اٿاري رهيو آهيان
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل تاريخي ماڳ موهن جي دڙي جو دورو ڪيو، انتونيو گوتريس دڙي جي ميوزيم سوڌو ٻين حصن جو جائزو ورتو
چیئرمین پاکستان پیپلز پارٹی و وزیر خارجہ بلاول بھٹو زرداری اور اقوام متحدہ کے سیکریٹری جنرل انتونیو گوتریس کا ضلع لاڑکانہ کے مختلف امدادی کیمپوں کا دورہ، سیلاب سے متاثرہ افراد کے مسائل بھی سنے۔@BBhuttoZardari @antonioguterres pic.twitter.com/2AnjtBq6Ol
— PPP (@MediaCellPPP) September 10, 2022
وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ثقافت کاتي جي وزير سردار شاهه طرفان برسات سبب دڙي جي مختلف حصن کي پهتل نقصان بابت آگاهي ڏني وئي
پ پ چيئرمين ۽ پرڏيھي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻيا وفاقي وزير به دوري دوران موجود هئا
ھي به پڙھندا
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل طرفان پاڪستان لاءِ 30 ارب ڊالرز امداد جي اپيل