ممبئي(اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان روهت شرما لکنئو سپر جائنٽس جي نوجوان بيٽر عبدالصمد کي صلاح ڏني آهي ته تون مون جهڙو نه ٿو کيڏي سگهين ۽ آئون تو جيان نه ٿو کيڏي سگهان. شيئر ٿيل وڊيو ۾ روهت چيو ته هر وڪيٽ جي رفتار هوندي آهي گهٽ ماڪ ۽ هوا وڌيڪ هجي ته پچ بيٽنگ لاءِ سازگار آهي ميچ شروع ٿيڻ کان اڳ خبر نه پوندي آهي. هن چيو ته صلاحيت ڪيتري به هجي ڪجهه شيون ٽيڪنڪ سان ئي بهتر ٿينديون آهن.