اسلام آباد(بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف اڳواڻ شعيب شاهين ۽ فواد چوڌري وچ ۾ اڊيالا جيل جي گيٽ وٽ تلخ جملن جي ڏي وٺ ٿي، ٻئي ڄڻا هٿين پئجي ويا. ۽ هڪ ٻئي کي غدار، ٽائوٽ قرار ڏنو. جڏهن ته فواد چوڌري شعيب شاهين کي چماٽ هنئي، جنهن دوران شعيب شاهين زمين تي ڪري پيو. اڊيالا جيل جي گيٽ نمبر 5 تي جهيڙو ٿيو، جيل عملي ٻنهي کي ڇڏايو. جنهن بعد فواد چوڌري جيل اندر روانو ٿي ويو. جڏهن ته شعيب شاهين کي ٻانهن ۾ معمولي زخم رسيو آهي. ان حوالي سان پي ٽي آءِ اڳواڻ بئريسٽر شعيب شاهين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي ان جي مذمت ڪئي. ڪا به صلح ناهي ٿي، هي ڀڳوڙو ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي. اُن خلاف قانوني ڪارروائي نه ڪندس. مون ۾ ايتري طاقت آهي ته پاڻ سان ٿيندڙ معاملن کي پاڻ ڏسان. مون موقعي تي چار ڀيرا وڌيڪ جواب ڏنو آهي. هن چيو ته ڪالهه مون باني سان ملاقات ڪئي. پاڪستان ۾ اڻ اعلانيل مارشل لا آهي. پاڪستان ۾ انصاف جو نظام ختم ٿي چڪو آهي. 26هين آئيني ترميم کانپوءِ عوام جون اميدون ختم ٿي ويون آهن. عوام ۽ فوج جي وچ ۾ ويڇي جو سبب اسٽيبلشمينٽ آهي.عوام ۾ مايوسي پکڙجي رهي آهي. هن چيو ته فواد چوڌري جو اسان جي پارٽي سان ڪو به تعلق ناهي. فواد چوڌري اسٽيبلشمينٽ جو ٽائوٽ آهي. سماج ۾ انهن جي ڪابه عزت ناهي. فواد چوڌري کي اُن جي حرڪت کان وڌيڪ جواب ڏئي ڇڏيو آهي. فواد چوڌري اسان جي پارٽي ۾ جهيڙا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. فواد چوڌري سان منهنجي ڪا صلح ناهي ٿي. فواد چوڌري پلاننگ ڪري آيو هو ۽ هن مون تي حملو ڪيو آهي. باني تحريڪ انصاف پاران فواد چوڌري جي اهڙي عمل جي سخت مذمت ڪئي آهي. ٻئي طرف اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شعيب شاهين پي ٽي آءِ جي باني جو نالو وٺي هڪ ٽي وي پروگرام ۾ چيو ته فواد چوڌري ڀڳوڙو آهي. مون ان ڳالهه جي تصديق ڪئي پي ٽي آءِ باني ٻڌايو مون ائين ناهي چيو. مون شعيب شاهين کي چيو ته باني پي ٽي آءِ جو نالو وٺي اهڙيون ڳالهيون نه ڪري. هن چيو ته باني تحريڪ انصاف جي حڪم تي اسان صلح ڪري ڇڏي آهي. معاملو ختم ٿي ويو آهي.