ڄامشورو(رپورٽ: مير مرتضيٰ نوحاڻي) ڄامشوري ويجھو ومزدا ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 9 پورهيت فوت ٿي ويا جڏهن ته 25 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. ان ڏس ۾ رات دير سان ڄامشوري جي ڪوھستاني علائقي تونگ ويجهو دريجي بلوچستان ۾ لابارو ڪندڙ ڪولھي برادريءَ جي ماڻھن سان ڀريل مزدا بريڪ فيل ٿيڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي. ٻڌايو پيو وڃي ته تونگ ويجهو گز واري چڙھائي وٽ بريڪ فيل ٿيڻ سبب مزدا ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ٻارڙن سميت 9 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا جڏهن ته 25 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. فوتين جا مڙھ ۽ زخمين کي ڀي ايڇ يو تونگ منتقل ڪيو ويو، جن مان ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻُڌائي پئي وڃي. حادثي جي اطلاع تي ڳوٺاڻا وڏي تعداد ۾ پھچي فوتين جا مڙھ ۽ زخمين کي ريسسڪو ڪري رھيا آھن ڪولھي برادريءَ جو خاندان بلوچستان کان لابارو ڪري واپس وڃي رھيو ھو ته حادثو پيش آيو، متاثرن جو تعلق ماتلي سان ٻڌايو پيو وڃي.