راڄوخاناڻي/ٿاڻو بولا خان(رپورٽ: ونود ڪمار اداسي/سهيل يوسف ميمڻ) ٿاڻوبولاخان ويجھو ڪوھستان جي ڏورانهين علائقي تونگ وٽ بدين ضلعي جي پورهيتن جي گاڏي ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ فوت ٿيلن جو انگ وڌي 18 ٿي ويو آهي. راڄوخاناڻي لڳ ڳوٺ چوڌري بشير فوجي جي بدنصيب ڪولھي خاندانن سان بلوچستان مان مزدوري ڪري واپس موٽندي تونگ وٽ پيش آيل مزده حادثي جي 14 فوتين مان 13 فوتين جا مڙهه ايڌي ايمبولنس ذريعي ڪمشنر حيرآباد بلال احمد ميمڻ کڻائي ڳوٺ چوڌري بشير فوجي پھتو ته پوري ڳوٺ ۾ ڪھرام مچي ويو، مڙهه ڳوٺ پھچڻ وقت ڊي سي بدين ياسر ڀٽي، ايس ايس پي بدين قمر رضا جسڪاڻي، ڊي ايڇ او بدين انجم علي سومرو، اسسٽنٽ ڪمشنر ماتلي نور حسن شاهه، ايم اين اي مير غلام علي ٽالپر ۽ ايم پي اي مير الله بخش ٽالپر سميت سوين ماڻھو ڳوٺ پھچي ويا، ھڪ ئي وقت 13 لاش ۽ وڏي تعداد ۾ زخمين جي ڳوٺ پھچڻ تي ڳوٺ توڙي ڀرپاسي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇانيل رھيو، هراک آلي ٿي وئي، فوتين ۾ ھڪ ئي گھر جا 7 گھر ڀاتي پڻ فوت ٿي ويا آهن، جنھن سبب سندن مڪمل گھر ئي ويران ٿي ويو، فوتين ۾ ڍالو، آرشي ، آسن ، وني ، بچو ،سورج ، ڪاني ، ماروا ، جاڳني ، ديوي ، داني ، وجي ۽ مونيڪا شامل آھن، جڏھن ته زخمين ۾ اشوڪ، لڇمڻ، آسن، پريم، منجي، تلسي، ھريش، ٻالچند، راجيش، ميما، چندري، ڪرشن، بشير ٽالپر، نويد، کيمچند، امرجيت، ٻاولو، راڪيش ، راجيش ۽ ٻيا شامل آھن ۔ فوتين کي سوين آلين اکين سان سندن مقامي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. واضح رھي ته حادثي ۾ 14 ڄڻا فوت ٿي ويا ھئا ۽ 22 ڄڻا زخمي ٿيا هئا. ياد رهي ته ٿاڻو بولا خان ويجهو گز واري چڙھائي تي ڌريجي بلوچستان کان لابارو ڪري راڄو خاناڻي ڏانھن ويندڙ ڪولھي برادريءَ جي پورهيتن جي مزدا بريڪ فيل ٿيڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي هئي. جنهن 18 ڄڻا فوت ٿيا آهن. جڏهن ته 28 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آھن زخمين ۾ اشوڪ ڪمار ، لڇمڻ ، آسن ، پريم ، منجي ڪمار ، تلسي ، ھريش ، بالچند ، راجيش ، ميما ، چندري ، ڪرشن ، ڊرائيور بشير ٽالپر ، ڪلينڊر نويد ٽالپر ، کيمچند ، امرجيت ، باولو ، راڪيش ، راجيش ، بچي شامل آھن