حيدرآباد(بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي چيو ته تونسه، چشمه ۽ گريٽر ٿل ڪئنال مسلسل وھائڻ، زمينون ۽ وسيلا ڦٻائڻ، 6 نوان ڪئنال ٺاھڻ ۽ سنڌ برباد ڪرڻ بند ڪيو. پنجاب سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻي رھيو آھي، چشما جهلم لنڪ ڪئنال، تونسا پنجند لنڪ ڪئنال ۽ ٿل ڪئنال ڌاڙيل واھ آھن اھي صرف ٻوڏ ۾ سنڌ جي اجازت سان کولي سگھجن ٿا. پر ارسا ۽ پنجاب حڪومت سنڌ سان دوکو ڪري کوٽ دوران به ڌاڙيل واھه کولي سنڌ جو پاڻي چوري ڪري رھيو آھي، سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي سنڌ کي جيڪو پاڻي ملي ٿو اھو حڪمرانن جي قبضي ۾ آھي، جيڪو مخالفن خلاف ھٿيار طور استعمال ڪيو وڃي ٿو.ھن چيو ته پنجاب پنهنجي ڏاڍ مڙسي ذريعي سنڌ جو پاڻي چوري ڪري رھيو آھي جنھن جي نتيجي ۾ سنڌو درياھ ۾ پاڻي بدران واري اڏامي رھي آھي. وفاقي حڪومت، پنجاب حڪومت ۽ ارسا کي سنڌ نظر نٿي اچي. جنھن ڪري سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي، سنڌ کي حصي جو پاڻي نه ملڻ ڪري سمنڊ ٺٽو، سجاول، بدين جي لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آھي. ڪوٽڙي کان ھيٺ سنڌو درياءَ ۾ پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري درياءَ جي ٻنھي پاسن تي ويٺل لکين آبادي برباد ٿي وئي آھي، خوشحال ماڻھو بدحال ٿي ويا آھن. مڇي، پلو ۽ ٻي آبي جيوت ختم ٿي وئي آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ کي پاڻي جو صحيح حصو نه ملڻ ڪري لکين ايڪڙ آباد زمينون بنجر ٿي ويون آھن. پاڻي تي پنجاب جو قبضو آھي، عالمي قانون تحت پاڻي تي پھريون حق پڇڙي وارن جو آھي سنڌ کي جيڪو پاڻي ملي ٿو اھو وڏيرا، سردار، جاگيردار پنھنجي زمينن لاءِ زبردستي کڻي وڃن ٿا. جنھن ڪري ننڍا آبادگار، پڇڙي جا آبادگار پاڻي ڍڪ لاءِ پريشان آھن.