ڪراچي: تڪراري تونسا ۽ چشما لنڪ ڪئنال ڪالاباغ ڊيم کان وڌيڪ خطرناڪ قرار: سال2007ع ۾ سنڌو جو 2 ڊيمن جيترو پاڻي انهن لنڪ ڪئنالن ذريعي جهلم چناب زون ۾ منتقل ڪيو ويو، ان ڏس ۾ سنڌ واٽر پاليسي موجب سال 1999ع کان 2017ع واري 20 سالن جي عرصي دوران ڏڪار توڙي سڪار ۾ ٻنهي تڪراري ڪئنالن کي بنا رڪاوٽ جي وهايو ويو، سال 2007ع ۾ 11.5 ايم اي ايف ۽ 2007ع ۾ سوڪهڙو هوندي 3.78 ايم اي ايف پاڻي جهلم زون ۾ منتقل ڪيو ويو