حيدرآباد(بيورو رپورٽ) عوامي تحريڪ دادو ضلعي جي اڳواڻن اصغر رند، ارباب جانوري 30 ساٿين سميت ۽ ميرپورخاص جي سينيئر سياسي اڳواڻ غلام مصطفيٰ لغاري جي گهر واري محموده مصطفيٰ لغاري جي قومي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجو سان ملاقات ڪري قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو، ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي چيو ته هي جيڪا مودي جارحيت ڪئي آهي، پاڪستان تي حملي آور ٿيو آهي هي پاڪستان تي حملو نه هي انڊس سولائيزيشن تي حملو آهي، هي برصغير ۽ سائوٿ ايشيا تي حملو آهي، آئون ڏيڊ ارب ڀارت جي ماڻهن کان پڇڻ ٿو چاهيان ته پاڪستان تي حملو ڪرڻ لاءِ اوهان مودي جهڙي هڪ فاشسٽ کي اجازت ڪيئن ڏني، اياز لطيف پليجي چيو ته اسان ڪو فتح ڪيل علائقو ناھيون جو سدائين اوھان جا غلام بڻجي جيئون، ڏسي وٺو سنڌين ھاڻ تابعداري جون زنجيرون ٽوڙي ڇڏيون آھن، سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ سبب سنڌ بنجر ٿيڻ سان گڏ ڏڪار جو شڪار ٿي ويندي ۽ جر جو پاڻي زھريلو ٿي ويندو، سمنڊ ٺٽو، بدين ۽ سجاول ضلعن کي مڪمل ڳڙڪائي ويندو. ھن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڪينال ٺاهڻ سان سنڌ جو پاڻي بند ٿي ويندو تونسا پنجند ۽ ٿل ڪينال ذريعي سنڌو درياھ مان اضافي پاڻي کنيو پيو وڃي، ٽن صوبن کي ريگستان ۾ تبديل ڪرڻ ۽ هڪ صوبي کي سرسبز بڻائڻ ڪٿي جو انصاف آهي؟پنجاب لنڪ ڪينالن کي پنهنجو پاڻي ڏيڻ بدران سنڌ جو پاڻي ڏئي رهيو آهي. ھن چيو  ته گرين پاڪستان ۽ زرعي انقلاب جي نالي ۾ سنڌ جي ھزارين ايڪڙ زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن. گرين پاڪستان سنڌ جي زمينن جي نيلامي جو پروانو آهي.