لاهور(شوبز نيوز) پاڪستان جي سينيئر اداڪار توقير ناصر دعويٰ ڪئي آهي ته بالي ووڊ بادشاهه شاهه رخ خان پنهنجي فلم ” ڪڀي الوداع نه ڪهنا “ ۾ سندس هڪ ڊرامي جي ڪردار جي ڪاپي ڪئي ۽ هدايتڪار ڪرن جوهر ان جو ڪريڊٽ به نه ڏنو .اداڪار توقير ناصر ويجهڙ ۾ هڪ نجي ٽي وي جي شو ۾ شرڪت ڪئي جنهن دوران هن فلمي سفر سميت بالي ووڊ مان ايندڙ آفرز، هندي سئنما جي مشهور شخصيتن طرفان ملندڙ پيغامن ۽ پسند جو پڻ ذڪر ڪيو. هڪ سوال جي جواب چيو ته مون کي شاهه رخ جا پيغام ملندا رهندا آهن، هو پيغامن مون ڏانهن سلام موڪليندو آهي. هن چيو ته شاهه رخ خان پنهنجي فلم ” ڪڀي الوداع نه ڪهنا “ ۾ سندس ڊرامي پرواز جو ڪردار ڪاپي ڪيو آهي، اِهو ڊرامو مستنصر حسن تارڙ لکيو هو جنهن ۾ هيرو کي معذوري سبب ذهني مونجهاري جو شڪار ڏيکاريو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته فلم جي ڪهاڻي پرواز ڊارامي سان ڪهڙي هڪجهڙائي رکي ٿي، فلم ۾ گلئمرائز ڪري پيش ڪيو ويو آهي پر فلم ۾ هدايتڪار ڪرن جوهر کي ڪريڊٽ ڏيڻ گهرجي.