اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين توشه خانه ڪيس ۾ سزا، اليڪشن ڪميشن جي نااهلي نوٽيفڪيشن کي معطل ڪرڻ ۽ سزا خلاف اپيل ۾ ترميم ڪري رياست کي ڌر بنائڻ جي اجازت لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪري ورتو. سردار لطيف کوسه ايڊووڪيٽ ذريعي داخل درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي سزا ڪالعدم قرار ڏيڻ جي اپيل ۾ ترميم ڪري رياست کي ڌر بڻائڻ جي اجازت ڏني وڃي، اليڪشن ڪميشن جي وڪيل طرفان اپيل ۾ رياست کي ڌر نه بڻائڻ جو اعتراض واريو ويو هيو، متفرق درخواست ۾ اهو به چيو ويو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خانه ڪيس ۾ چيئرمين پي ٽي آءِ جي رڳو سزا معطل ڪئي، 5 آگسٽ جو مڪمل فيصلو معطل ڪيو وڃي، اليڪشن ڪميشن توشه خانه ڪيس ۾ سزا جي بنياد تي پي ٽي آءِ چيئرمين کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ نااهل قرار ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو، سزا جو آرڊر معطل ٿيڻ سبب اپيل تي فيصلي تائين اليڪشن ڪميشن کان نااهلي جي نوٽيفڪيشن کي به معطل ڪيو وڃي.