توشه خانه ڪيس: عمران خان جي ضمانت نه ٿيڻ جوڳن گرفتاري وارنٽ بابت تفصيلي فيصلو جاري

0
58
عورت جج کي ڌمڪي وارو ڪيس: عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري
عورت جج کي ڌمڪي وارو ڪيس: عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

توشه خانه ڪيس ۾ عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ بابت لکت ۾ فيصلو جاري، ايڊيشنل سيشن جج اسلام آباد 4 صفحن تي ٻڌل فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي

فيصلي ۾ عدالت چيو آهي ته سيشن عدالت 6 مارچ تي گرفتاري وارنٽ رد ڪرڻ واري درخواست خارج ڪئي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تحت عمران خان جا گرفتاري وارنٽ 13 مارچ تائين معطل ڪيا

عمران خان عدالتن جي واضح حڪمن باوجود 13 مارچ تي پيش نه ٿيو، سيشن ڪورٽ وٽ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪرڻ کانسواءِ ڪوبه آپشن نه آهي

 ڇوٽ واري درخواست رد ڪندي ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا آهن، عمران خان کي 18 مارچ تي عدالت ۾ پيشي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

هي به پڙهندا

عمران خان جا گرفتاري وارنٽ 16 مارچ تائين معطل