اسلام آباد (بيورو رپورٽ) توشا خانه ۽ 190 ملين پائونڊز جي ڪيسن ۾ بشريٰ بي بي جي 26 سيپٽمبر تائين عبوري ضمانت منظور ٿي وئي، اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير ضمانت وارين درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي، بشريٰ بي بي جي وڪيل لطيف کوسا عدالت کي آگاهه ڪيو ته بشريٰ بي بي پي ٽي آءِ چيئرمين سان جيل ۾ ملاقات ڪندي، نيب پاران کيس ساڳئي وقت تي طلب ڪيو ويو آهي، نيب کي بشريٰ بي بي جي گرفتاري گهربل آهي ته عدالت کان اجازت ورتي وڃي، نيب جي پراسيڪيوٽر چيو ته توشا خانه ڪيس ۾ بشريٰ بي بي جي في الحال گرفتاري گهربل نه آهي، 190 ملين پائونڊز واري ڪيس ۾ گرفتاري بابت ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي، نيب پراسيڪيوٽر جي بيان کانپوءِ بشريٰ بي بي 190 ملين پائونڊز واري ڪيس ۾ ضمانت جي درخواست داخل ڪرائي، عدالت ٻنهي ڪيسن ۾ بشريٰ بي بي جي 26 سيپٽمبر تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي.