پي ٽي آءِ باني عمران خان جي آزادي جو روبڪار جاري، توشا خانه ٽو ڪيس ۾ ضمانت ملڻ بعد اسپيشل جج سينٽرل شاهه رخ ارجمند پي ٽي آءِ باني جي آزادي جو روبڪار جاري ڪيو، پي ٽي آءِ باني جا 10 لک رپين جا 2 مچلڪا طارق نون ۽ راجا غلام سجاد طرفان جمع ڪرايا ويا، جاري ڪيل روبڪار ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني جي ضمانت هاءِ ڪورٽ مان منظور ٿي چڪي آهي، جيڪڏهن ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ گهربل نه آهي ته کيس آزاد ڪيو وڃي، ٻه ڏينهن اڳ اسپيشل سينٽرل جج شاهه رخ ارجمند توشا خانه ٽو ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني جي ضمانت منظور ڪئي هئي