اسلام آباد (بيورو رپورٽ) توشا خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جا گرفتاري وارنٽ رد ڪيا ويا، عمران مٿان فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو، ڪيس جي ٻڌڻي 30 مارچ تائين ملتوي ڪئي وئي. عمران کي 30 مارچ تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو، ڪالهه توشا خانه ڪيس جي ايڊيشنل سيشن جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، عمران عدالت ۾ پيش ٿيڻ بنا حاضري لڳائي واپس روانو ٿي ويو، شام 4 وڳي مختصر ٻڌڻي شروع ٿي ته جج ظفر اقبال رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن ڪوئي شخص عدالت اچڻ چاهي ٿو ته انکي اچڻ نٿو ڏنو وڃي ته آئون انتظار ڪندس، جنهن تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته عدالت جو وقت صبح ساڍا 8 وڳي کان شروع ٿيندو آهي هن وقت چار ٿي چڪا آهن، عدالت جو وقت پورو ٿي چڪو آهي جنهن بعد جج واپس چيمبر ۾ هليو ويو ۽ ٻڌڻي ۾ وقفو ڪيو ويو.ان دوران عمران جو قافلو جوڊيشل ڪمپليڪس جي مرڪزي در تي پهچي ويو پر پوليس گاڏي اندر نه ڇڏي، جنهن تي ڪارڪنن زبردستي ڪئي ته پوليس ۽ ڪارڪنن ۾ چڪريون شروع ٿي ويون، عمران خان گاڏي ۾ ويٺو رهيو، وقفي بعد ٻڌڻي ٿي عمران جي وڪيل اعواڻ چيو ته سيڪيورٽي جي نالي تي اسان کي روڪيو پيو وڃي، پوليس پاران شيلنگ ڪئي پئي وڃي، جنهن تي جج چيو ته عمران جي حاضري لڳرائڻ لاءِ اهلڪار کي ٻاهر موڪليون ٿا، اسان چاهيون ته ٽرائل پرامن ٿئي پر هي جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو افسوسناڪ آهي، اسان ڪارڪنن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ شبلي فراز کي عمران خان کان گاڏي ۾ موجودگي دوران ئي حاضري لڳرائڻ لاءِ موڪليو، جنهن بعد عمران حاضري لڳرائي واپس روانو ٿي ويو، وڪيل خواجه حارث چيو ته عمران جي حاضري کان ڇوٽ منظور ڪئي وڃي، جج چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران جي ذاتي حيثيت ۾ حاضري جو حڪم ڏنو آهي، حاضري کان ڇوٽ ان جي خلاف هوندي، وڪيل چيو ته عمران پيشي لاءِ آيو آهي. جنهن بعد عدالت ٻڌڻي 30 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.