اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آصف زرداري، نواز شريف ۽ ٻين خلاف توشا خانه گاڏين جي ڪيس ۾ ايف آءِ اي طرفان چالان پيش نه ڪيو ويو. ڪيس جي ٻڌڻي جج همايون دلاور ڪئي. ايف آءِ اي عدالت ۾ چالان پيش نه ڪيو. ايف آءِ اي موقف اختيار ڪيو ته گواهن جا بيان رڪارڊ ڪيا پيا وڃن، ان ڪري چالان پيش ناهي ٿي سگهيو. عدالت ايف آءِ اي طرفان چالان پيش نه ڪرڻ تي ڪيس جي ٻڌڻي 30 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ياد رهي ته نيب ترميمن جي بحالي کان پوءِ توشا خانه گاڏين جو ريفرنس ايف آءِ اي حوالي ڪيو ويو هو.