اسلام آباد(بيورو رپورٽ) توشا خانه ڪيس ٽو ۾ احتساب عدالت جي سزا خلاف اپيل تي 29 آڪٽوبر تي اسلام آباد ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ ٻڌڻي ڪندي. عدالت باني تحرڪ انصاف جون اپيلون جلد ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ متعلق درخواستون ان چيمبر منظور ڪندي ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب تي مشتمل بينچ 29 آڪٽوبر تي اپيلن جي ٻڌڻي ڪندي. احتساب عدالت جي جج محمد بشير توشا ڪيس ۾ 14 سال عمر قيد جي سزا ٻڌائي هئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ باني تحريڪ انصاف جي سزا معطل ڪري ضمانت تي آزاد ڪيو هو. هوڏانهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ باني تحريڪ انصاف جي چيڪ اپ لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پمز کي باني تحريڪ انصاف جي ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جي هدايت ڪئي وئي. ميڊيڪل بورڊ ۾ عمران خان جي ذاتي ڊاڪٽر فيصل سلطان به شامل هوندو. عدالت فيصلي ۾ چيو آهي ته باني تحريڪ انصاف جي عمر هن وقت 72 سال آهي. ۽ هو اڳوڻو وزير اعظم ۽ انڊر ٽرائل قيدي آهي.