اسلام آباد(بيورو رپورٽ) توشا خانه ٽو ڪيس ۾ باني تحريڪ انصاف کي بطور وزير اعظم ملندڙ 108 تحفن جي لسٽ اسپيشل جج سينٽرل جي عدالت ۾ پيش ڪئي وئي. ٻڌڻي دوران ڪابينا ڊويزن جي سيڪشن آفيسر جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو. باني تحريڪ انصاف ۽ بشريٰ بي بي جي خلاف توشا خانه ٽو ڪيس جي ٻڌڻي اڊيالا جيل ۾ اسپيشل جج سينٽرل شاهه رخ ارجمند ڪئي. باني پي ٽي آءِ کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. بشريٰ بي بي به عدالت ۾ پيش ٿي. ٻڌڻي دوران گواهه 100 صفحن تي مشتمل رڪارڊ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو. باني تحريڪ انصاف کي بطور وزير اعظم ملندڙ 108 تحفن جي لسٽ به پيش ڪئي وئي. بشريٰ بي بي جي وڪيل ارشد تبريز گواهه تي جزوي جرح ڪئي. جرح ايندڙ ٻڌڻي تي مڪمل ڪئي ويندي. ايندڙ ٻڌڻي تي باني پي ٽي آءِ جو وڪيل سلمان صفدر به گواهه تي جرح ڪندو. ڪيس ۾ مجموعي طور تي 3 گواهن جا بيان قلمبند ٿي چڪا آهن. ڪيس جي ٻيهر ٻڌڻي ٻه جنوري تي ٿيندي.