اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشا خانه فيصلو معطل ڪرڻ جي چيئرمين پي ٽي آءِ جي درخواست تي نوٽيس جاري ڪندي اليڪشن ڪميشن کان جواب طلب ڪري ورتو، توشا خانه فوجداري ڪارروائي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي سزا خلاف اپيل تي ٻڌڻي ٿي، عدالت چيو ته مرڪزي اپيل ايندڙ هفتي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪريون ٿا.