اسلام آباد(بيورو رپورٽ) باني تحريڪ انصاف ۽ بشريٰ بي بي جي توشه خانه ڪيس ۾ بريت جي درخواستن تي ايف آءِ اي کي نوٽِيس جاري ڪيو ويو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس راجه انعام امين منهاس ٻڌڻي ڪئي. باني تحريڪ انصاف جي وڪيل سمان صفدر توشه خانه ٽو جي ٽرائل تي منع نامو جاري ڪرڻ جي استدعا ڪئي ته عدالت ريمارڪس ڏنا ڪرمنل ڪاروائي کي ان موقعي تي اسٽي ڏيڻ جو ڪو عدالتي جواز موجود ناهي. ٻيو ڌريون اچن ڏسي وٺون ٿا. اسان اوهان جي درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيون ٿا. سلمان صفدر باني تحريڪ انصاف ۽ بشري بي بي جي ڪيسن کي ٻئي بينچ ۾ منتقل ڪرڻ جي استدعا ڪئي عدالت ريمارڪس ڏنا ته اوهان ڪيس جي ميرٽس تي دليلن جي شروعات ڪريو. وڪيل سلمان صفدر چيو ته ساان جي استدعا آهي ته 27 تاريخ تي ڪيس ٻيهر ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو وڃي. جسٽس راجه انعام امين منهاس چيو ته سومر تي ته اسان لاءِ ممڪن نه هوندو. عدالتي عملي توشه خانه ٽو ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي لاءِ چار فيبروري جي تاريخ ڏئي ڇڏي. سلمان صفدر چيو ته تيستائين ٻه هفتا ٿي ويندا. پوءِ ڪو فائدو ناهي. عدالت ايف آءِ اي کي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 28 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.