اسلام آباد (بيورو رپورٽ) توانائي واري وزير اويس لغاري عوام کي سياري ۾ گيس بدران بجلي استعمال ڪرڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو، هن چيو ته عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪري رهيا آهيون، عوام کي بجلي جي اگهن ۾ رليف ڏنو پيو وڃي، اسان وٽ اضافي بجلي موجود آهي، اسان چاهيون ٿا ته ماڻهو مهانگي گيس بدران سستي بجلي استعمال ڪن.