اسلام آباد: ايندڙ مالي سال 25-2024 جي وفاقي ترقياتي بجيٽ جا وزارت وار تفصيل سامهون اچي ويا آهن، پنهنجي اخبار وٽ لکت ۾ موجود دستاويز مطابق ايندڙ مالي سال جي ڪل  وفاقي ترقياتي بجيٽ  1221 ارب رپين جي هوندي . ايندڙ مالي سال جي ترقياتي بجيٽ  ۾ سپارڪو جي ترقياتي منصوبن لاءِ  65 ارب 61 ڪروڙ ، روينيو ڊويزن جي منصوبن لاءِ 17 ارب 69 ڪروڙ رپيا ملندا. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت لاءِ 5 ارب 63 ڪروڙ رپيا ۽ فرنٽيئر ريجن ڊويزن لاءِ 1 ارب 43 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. توانائي واري وزارت کي اين ٽي ڊي سي ۽ پيپڪو لاءِ 188 ارب رپين جي ترقياتي بجيٽ رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.  جڏهن ته  ايوي ايشن ڊويزن جي منصوبن  لاءِ 7 ارب 25 ڪروڙ ، سيڙپڪاري بورڊ  جي  ترقياتي منصوبن لاءِ 1 ارب 15 ڪروڙ رپيا ،  موسمياتي تبديلي وزارت جي منصوبن لاءِ  15 ارب 87 ڪروڙ رپيا ،واپار وزارت جي ترقياتي منصوبن لاءِ هڪ ارب 45 ڪروڙ،  بچاءَ واري وزات   کي ترقياتي منصوبن لاءِ 5 ارب 63 ڪروڙ ، وفاقي تعليم اينڊ پروفيشنل ٽريننگ وزارت کي 9 ارب 75 ڪروڙ ملندا. فنانس ڊويزن کي ترقياتي منصوبن لاءِ 6 ارب، فنانس ڊويزن کي صوبن ۽ خاص علائقن جي منصوبن لاءِ 56 ارب 69 ڪروڙ ، هائير ايجوڪيشن ڪميشن لاءِ 21 ارب 16 ڪروڙ ،  هائوسنگ اينڊ ورڪس جي ترقياتي منصوبن لاءِ 26 ارب 39 ڪروڙ  ، صنعت ۽ پيداوار کي 5 ارب 79 ڪروڙ ،اطلاعات نشريات وزارت جي ترقياتي منصوبن لاءِ  3 ارب 52 ڪروڙ رپيا ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪام ڊويزن لاءِ 27 ارب 43 ڪروڙ رپيا ترقياتي بجيٽ مختص ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، بين الصوبائي رابطا ڊويزن کي 3 ارب 74 ڪروڙ ، گهرو وزارت کي 4 ارب 37 ڪروڙ، قانون ۽ انصاف کي 1 ارب 36 ڪروڙ، فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ وزارت کي 12 ارب 56 ڪروڙ ،  پيٽروليم ڊويزن کي 3 ارب 23 ڪروڙ رپيا . پلاننگ ڊويزن کي ايندڙ مالي سال دوران 29 ارب رپين جي ترقياتي بجيٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي غربت جي خاتمي ۽ سوشل سيفٽي ڊويزن کي 1 ارب 78 ڪروڙ ،ريلوي وزارت کي 32 ارب 68 ڪروڙ جي بجيٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي.