تهران (م ڊ) ايران ۾ مهسا ايمني جي قيد دوران فوت ٿيڻ تي آواز اٿاريندڙ عورت صحافي کي گرفتار ڪيو ويو جيڪا به جيل ۾ مبينا طور جنسي زيادتي جو شڪار ٿي ويئ آهي23 ورهين جي نازيلا معروفين کي مهسا اميني جي فوت ٿيڻ تي آواز اٿارڻ کان پوءِ ڪيترائي ڀيرا گرفتار ڪيو ويو آهي. نازيلا مهسا اميني جي والد جو به انٽرويو ڪيو هو. عورت صحافي تهران جي جيل ۾ جنسي زيادتي، مار ڪٽ ۽ بکيو رکڻ جي شڪايت ڪئي هئي، جنهن تي عدلاتي جاچ شروع ڪئي وئي آهي. هن عدليه کي چيو ته عورت صحافي جيل ۾ جنسي زيادتي کان پوءِ پنهنجي حق ۾ ڪو ثبوت پيش نه ڪري سگهي پر هن ڪا شڪايت به داخل ناهي ڪرائي. ياد رهي ته عورت صحافڻ کي اسڪارف نه پائڻ تي 30 آگسٽ واري ڏينهن گرفتار ڪيو ويو هو.