تهران(م ڊ) اسرائيل جي حملن باوجود ايران جي راڄڌاني تهران ۾ زندگي جو وهنوار جاري آهي جڏهن ته ڪجهه ماڻهو جان بچائڻ لاءِ گهر گهاٽ ڇڏي ڳوٺاڻن علائقن ڏانهن منتقل ٿي رهيا آهن. سي اين اين جي رپورٽ موجب تهران جا ڪجهه ماڻهو پنهنجون جانيون بچائڻ لاءِ شهر کي ڇڏي ٻهراڙين وارن علائقن ڏانهن وڃي رهيا آهن جڏهن ته ٻيا ماڻهو گهرن ۾ کاڌ خوراڪ ذخيرو ڪري رهيا آهن. رپورٽ موجب شهر جو ميٽرو نظام اڃا هلي رهيو آهي جيڪو 24 ئي ڪلاڪ هلايو پيو وڃي ته جيئن ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ ماڻهو اتي پناه وٺي سگهن.