تنگواڻي (ن پ ا) تنگواڻي ٿاڻي جي حد حاجي نور محمّد کوسو رائيس مل مان اغوا ٿيل چوڪيدار مورزادو پٽ خير محمّد گجراڻي جي وارثن کان ڏوهارين پاران 40 لک روپيا ڀُنگ طلب ڪيو ويو، وارثن پاران رابطي ڪندڙ جو نمبر پوليس حوالي ڪندي چوڪيدار جي بازيابي جو مطالبو ڪيو ويو، ڀاءُ محبوب گجراڻي سئوٽ مهتاب گجراڻي چيو ته اسانجي گهر ماتم پرپا آهي،10 هزار روپين جي عيوض چوڪيداري ڪيون ٿا ته هڪ ويلو کائي ٻئي ويلي لاءِ پريشان آهيون، پوليس سميت اعليٰ اختياريون مدد ڪن.