تنگواڻي(رپورٽ: لطف ملڪ) تنگواڻي پوليس ٿاڻي جي حد مانجھي_تنگواڻي لنڪ روڊ سان ڳوٺ باران باجڪاڻي ۾ ھٿياربندن ڪاهه ڪري فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ ۾ ڳوٺاڻو محمد خان بکراڻي قتل ٿي ويو، مقتول جي وارثن پيرو کڻي ڳوٺ غلام محمد ڏاھاڻي مان ٽن ڄڻن کي سوگھو ڪري پوليس حوالي ڪيو، جڏهن ته ڇڪتاڻ دوران پوليس تماشو ڏسندي رھي، ڳوٺاڻن پاران ويڊيو رڪارڊ ڪري سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي وئي، ٻي طرف مقتول نوجوان جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو ويو، مقتول محمد خان جي ڀاءُ ساماڻو بکراڻي جي فرياد تي چاڪر ڏاھاڻي، نظير ڏاھاڻي، عبدالڪريم ڏاھاڻي ۽ 3 اڻ سڃاتل جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو، فريادي ڄاڻايو آهي ته 6 جوابدارن ڀتو نه ڏيڻ تان ڪلاشنڪوف جا برسٽ ھڻي سندس ڀاءُ محمد خان بکراڻي کي قتل ڪري ظلم ڪيو آهي. ٻي طرف ڳوٺاڻن پاران سوگھو ڪيل ٽن جوابدارن جي پوليس گرفتاري ظاھر نه ڪئي.