تنگواڻي(ن پ ا) تنگواڻي جي ڊيراسرڪي پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ الف بجاراڻي ۾ هٿياربندن پاران ڳوٺاڻي عبدالواحد چاچڙ جي گهر تي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 17 سالن جي ناري عزت خاتون موقعي تي قتل ٿي وئي، جڏهن ته سندس 10 سالن جي ڀيڻ سمينا زخمي ٿي وئي. واقعي جي اطلاع ملڻ بعد پوليس پهچي لاش ۽ زخمي ناري کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ايس ايڇ او غلام سرور سرڪي ٻڌايو ته لاش ۽ زخمي کي هٿ ڪيو ويو آهي، واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته واقعي جو ڪارڻ معمول نه ٿي سگهيو آهي، علائقي ۾ چوٻول آهن، ته واقعو پراڻي تڪرار تان پيش آيو آهي.