تنگواڻي(ن پ ا) تنگواڻي جي سنڌ- بلوچستان جي سرحدي دنگ ڳوٺ حيدر علي جکراڻي ۾ مڇي جي فارم ۾ 2 ڀائر آدم جکراڻي ۽ حميد الله پٽ محمد موسيٰ جکراڻي ٻڏي فوت ٿي ويا، ٻڌايو پيو وڃي ته نوجوان مڇي فارم ۾ زھريلي جيت مار دوا ڏيندي بيھوش ٿي پاڻي ۾ ڪري ٻڏي ويا، ھوڏانھن وارثن محمد موسيٰ جکراڻي، امير الدين جکراڻي ۽ ٻين ٻڌايو ته صبح جو سوير ٻئي نوجوان مڇي جي فارم تي زھريلي جيت مار دوا کڻي ويا ۽ منجھند ڌاري ڳوٺاڻن اطلاع ڪيو ته نوجوانن جا لاش پاڻي ۾ لڙھن پيا،جنھن بعد وارثن پھچي لاش ھٿ ڪري گھر منتقل ڪيا.