تنگواڻي (ن پ ا) تنگواڻي جمال پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ زنگي بھلڪاڻي مان ھڪ مھينو اٺ ڏينھن اڳ ھٿياربندن ھٿان اغوا ٿيل لياقت بھلڪاڻي ۽ شڪيل بھلڪاڻي بازياب نه ٿي سگهيا،  سنڌ ترقي پسند پارٽي ۽ بھلڪاڻي برادري پاران ٽئين ڏينهن به اڪرم باجڪاڻي،شربت نندواڻي،پيربخش بھلڪاڻي، اصغر ڏاھاڻي،منصور ملڪ جي اڳواڻي ۾  وين ٽرمينل تي ڌرڻو ھڻي علامتي بک ھڙتالي ڪيمپ تي احتجاج  ڪيو ويو، اڳواڻن چيو ته ھڪ مھينو اٺ ڏينھن کان پورھيت ڳوٺاڻا لياقت بھلڪاڻي ۽ شڪيل بھلڪاڻي ڌاڙيلن جي چنبي ۾ قيد آھن، پوليس جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪري سگهي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي..