تنگواڻي (ن پ ا) تنگواڻي ۾ شهري اتحاد جي سڏ تي بدامني، ڪنڌڪوٽ ۾ ڌرڻي تي لٺبازي خلاف ۽ پريا ڪماري سميت ٻين مغوين جي بازيابي لاءِ شٽر بند هڙتال ڪري قاري ڪفايت الله کوسو، ربڏنو ملڪ، رحمدل لاشاري، اعجاز ملڪ، غلام حسين ڏاهاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ٽرمنل تي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن ڪري سنڌ بلوچستان سوئي روڊ بند ٿي ويو، اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، هر ڏينهن ماڻهو اغوا ٿي رهيا آهن ۽ ڦر جا واقعا پيا ٿي، هنن چيو ته بدامني خلاف آواز اٿارڻ به ڏوهه بڻجي ويو آهي، ڪنڌڪوٽ ۾ ڌرڻي تي لٺبازي ڪري آمريت جي ياد تازي ڪئي وئي، هنن پريا ڪماري سميت ٻين مغوين کي بازياب ڪرائي بدامني ختم ڪرائڻ جي گهر ڪئي.