تنگواڻي (رپورٽ: لطف سنڌي) تنگواڻي ۾ شھري ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي بدامني ۽ اغوا جي وارداتن خلاف شٽر بند هڙتال ڪري ھٿن ۾ اڇا جھنڊا کڻي ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،  احتجاج ڪندڙن ڪفايت الله کوسو، ايڊووڪيٽ آصف علي، وقار ملڪ، رحمدل لاشاري، اعظم کوسو  ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سوچيل سمجهيل سازش تحت امن امان خراب ڪيو پيو وڃي، شهر ۾ چوري ڦرلٽ ۽ اغوا  جون وارداتون وڌي ويون آهن، پوليس جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪري سگهي آهي،  هنن مطالبو ڪندي چيو ته نوٽيس وٺي علائقي ۾ امن امان قائم ڪرايو وڃي.