تنگواڻي (ن پ ا) تنگواڻي شھري ايڪشن ڪاميٽي جي مسلسل ٻن هفتن کان تحريڪ جاري آھي،شٽربند،احتجاجي ريلين بعد ٻن ڏينھن کان علامتي بک ھڙتالي ڪيئمپ قائم ڪئي وئي آهي، احتجاج ڪندڙ ڪفايت الله کوسو،وقار ملڪ،ايڊوڪيٽ آصف کوسو،ديشي اعجاز ملڪ،رحمدل لاشاري،اعظم کوسو ۽ ٻين چيو ته قانون جي رٽ ختم ٿيڻ سبب ڏوھارين جا روڊ رستن تي قبضا آھن، ايس ايس پي ڪشمور جي آفيس آڏو احتجاجن باوجود انتظاميا ڪجھه ناهي ڪيو، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي علائقي ۾ امن امان قائم ڪرايو وڃي.