تنگواڻي (ن پ ا) تنگواڻي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ٽئين ڏينهن به بک هڙتالي ڪيئمپ جاري رکي احتجاج ڪيو ويو، ضلع صدر اڪرم باجڪاڻي،شربت نندواڻي،غلام حسين ڏاهاڻي،مهتاب ملڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ لڳل ڪيئمپ ۾ جسقم اڳواڻ ديشي اعجاز ملڪ،صادق نندواڻي،سياسي سماجي ڪارڪنن شرڪت ڪئي،ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته بدامني سبب عام شهري ۾ خوف حراس پکڙيل آهي،ضلعي اندر نالي ماتر هلندڙ آپريشن به ڪو نتيجو نه ڏئي سگهي نه ئي ڪو عملي ڪاروائي ٿي، چار چار مغوي هن وقت ڌاڙيلن وٽ قيد آهن، مغوين غلام الرسول بکراڻي، منصور پٺاڻ، مورزادو گجراڻي، صدام لاشاري جي وارثن کان ڀنگ طلب ڪيو پيو وڃي، پوليس ڏوهارين اڳيان بي وس بڻيل آهن،مغوين جي گهرن ۾ ماتم برپا ٿيل آهي،هنن چيو ته اغوا ڦر چوري جون وارداتون روز معمول بڻيل آهن،هنن گهر ڪئي ته ضلعي اندر امن امان قائم ڪري عام شهرين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.