تنگواڻي(ن پ ا) تنگواڻي ۾ آءِ بي اي جي ڊپرائيڊ پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي اميدوارن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو ويو، اميدوارن محمد رحيم کوسو، امتياز علي بکراڻي، حافظ رفيق لاشاري، فيصل باجڪاڻي، توحيد گجراڻي، فضل کوسو، پرويز ملڪ ۽ ٻين چيو ته نوجوان بيروزگاريءَ سبب فاقا ڪشي تي مجبور آھن، پاس ھجڻ باوجود آفر ليٽر ۽ جوائننگ نه ملي سگهي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته کين آفر آڊر ڏئي جوائننگ ڏني وڃي.