تنگواڻي (رپورٽ: لطف سنڌي) تنگواڻي ڀرسان گهر جي لوهي گيٽ ٻارن مٿان ڪري پئي، 2 معصوم ٻارڙا دٻجي فوت، 4 زخمي، خبر موجب ڳوٺ رحيم بخش کوسو ۾ ڪوٽ جي لوهي گيٽ راند کيڏندڙ ٻارن مٿان ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ٻارڙا 8سالن جو عبدالرحمان پٽ جاويد ۽ 9سالن جو سائين ڏتو پٽ صاحب بهلڪاڻي دٻجي ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 4 ٻارڙا سخت زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، فوتي ۽ زخمي ٿيل ٻارڙا هڪئي گهر جا هئا، وقعي سبب گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.