تنگواڻي (رپورٽ: لطف ملڪ) تنگواڻي ويجهو سنڌ بلوچستان جي سرحدي پٽي جاني ٻيڙي واري علائقي ۾ بگٽي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي معاملي تان جهيڙو ٿي پيو، فائرنگ جي ڏي وٺ دوران عبدالرزاق بگٽي ۽ سهيل بگٽي مارجي ويا ۽ ٻنهي ڌرين جا 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي ۽ ٻنهي ڌرين جا ماڻهو مورچا بند ٿي ويا، سوئي مان ليويز اهلڪارن پهچي ڇڪتاڻ تي ضابطو آندو، لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت هئڻ ڪري رحيم يار خان اسپتال منتقل ڪيو ويو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي .