تنگواڻي (ن پ ا) تنگواڻي ويجهو مگسي لنڪ روڊ تي اسڪول ويندڙ استادن عبدالستار ملڪ ۽ الهرکيو نندواڻي کي هٿياربندن يرغمال بڻائي ڦر ڪئي، جڏهن ته مزاحمت تي هٿياربندن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، گوليون لڳڻ سبب استاد عبدالستار ملڪ سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، اطلاع باوجود پوليس نه پهتي، جڏهن ته واقعي بعد هٿياربند فرار ٿي ويا، واقعي خلاف ملڪ برادري پاران مگسي اسٽاپ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو، بعد ۾ ايس ايچ او 2 ڏينهن اندر جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي روڊ کولرايو.