تنگواڻي (ن پ ا) تنگواڻي ويجهو مانجهي لنڪ روڊ حيات کوسو پوليس پڪٽ وٽ هٿياربندن صحبت گولو هاءِ اسڪول ڊيوٽي تي ويندڙ نثار کوسو ۽ وسعت الله کوسو کي يرغمال بڻائي مارڪٽ بعد موٽرسائيڪل، روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦر ڪري ورتو، واقعي خلاف ڳوٺاڻن اعجاز ملڪ، رحمدل لاشاري ۽ ٻين مين ريلوي ڦاٽڪ بند ڪري سنڌ بلوچستان روڊ تي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون، ڳوٺاڻن چيو ته علائقي ۾ بدامني وڌي وئي آهي پر پوليس ڪجهه نه پئي ڪري، هنن ڦر ٿيل سامان واپس ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو، بعد ۾ پوليس پهچي منٿون ڪري روڊ کولرايو.