تنگواڻي (ن پ ا) تنگواڻي جي ھائير سيڪنڊري اسڪول، مين پرائمري اسڪول، گرلز ھاءِ اسڪول تي ھاءِ ڪورٽ جي حڪم تحت سول جج عبدالستار ڪنڊراڻي اوچتو ڇاپو هنيو، سول جج جي ڇاپي دوران 9 استاد  غير حاضر رھيا، سول جج تنگواڻي عبدالستار ڪنڊراڻي ھائير سيڪنڊري جي پرنسپال غلام نبي ڏاھاڻي کان عملي ۽ استادن جي غيرحاضري تي پڇاڻو ڪيو، غير حاضر استادن ۽ عملي ۾ صاحب علي باجڪاڻي، عبداللطيف دائودپوٽو، علي محمد ڀٽي، رجب حسين کوسو، امجد حسين کوسو، اسدالله، الاھي بخش کوسو ۽ ٻيا شامل آھن، ٻئي طرف مين پرائمري اسڪول تي ڇاپي دوران سخت سردي ۾ معصوم اسڪولي ٻارڙا ھيٺ تعليم پرائڻ تي سھولتن جي کوٽ تي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪيو، رپورٽ ڏيڻ ھدايت ڪئي، سڀاڻي (اڄ) سول ڪورٽ پيش ٿيڻ جو حڪم پڻ ڏنو ويو.