تنگواڻي (ن پ ا) تنگواڻي ڀرسان  ڳوٺ ملوڪ ڏاهاڻي مان 25 ڏينهن اڳ اغوا  ٿيل نوجوان  طالب حسين ڏاهاڻي ۽ طفيل احمّد ڏاهاڻي بازياب نه ٿي سگهيا، مغوين جي وارثن پاران  مسمات سونيت خاتون، مائي نواب خاتون، نصير احمّد ڏاهاڻي، نثار، رامن ڏاهاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ وين ٽرمنل تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو،  مظاهرين چيو ته مغوين جي بازيابي لاءِ پوليس ڪو تحرڪ ناهي ورتو، پوليس رڳو ٺلها دلاسا ڏئي رهي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾  انڊس هاءِ وي بلاڪ ڪنداسين.