تنگواڻي(ن پ ا) تنگواڻي لڳ چولياڻي ۽ ملڪ برادري ۾ ويڙهه، حاضري تان موٽندڙ 2 ڳوٺاڻا قتل، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي، خبر موجب ملڪ ۽ چولياڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي هلندڙ تڪرار سبب ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي، تنگواڻي جي جمال ٿاڻي جي حد غوثپور، تنگواڻي لنڪ روڊ تي ڳوٺ ارصلاح بجاراڻي وٽ تاڙ ۾ ويٺل هٿياربندن سول ڪورٽ تنگواڻي مان حاضري ڏئي واپس ايندڙ بابن پٽ نظام الدين ملڪ ۽ جاويد پٽ عبدالرشيد ملڪ ھٿيارن جا منهن کلي ڇڏيا، جنهن دوران گوليون لڳڻ سبب بابن ۽ جاويد ٿڏي تي قتل ٿي ويا، اهڙو اطلاع ملڻ شرط پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي مقتولن جا لاش تحويل ۾ وٺي ڪنڌ ڪوٽ سول اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته رات دير تائين واقعي جي ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هيو، واضع رهي ته زمين جي تڪرار تان ملڪ برادري هٿان اڪبر چولياڻي قتل ٿيو هو جنهن جي پلاند ۾ چولياڻين 2 مھينا اڳ پرائمري ماستر راڻي ملڪ کي قتل ڪيو هو، ڪالهه هڪ ڀيرو ٻيهر چولياڻين حملو ڪري ملڪ برادري جا 2 نوجوان قتل ڪري ڇڏيا آهن، جنهن ڪري ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي.